جامعه حماديه منزل گاهه

جامعه حماديه منزل گاهه: هي مدرسو تاريخي مسجد منزل گاهه سکر سان ڳنڍيل آهي، جنهن جو بنياد 1006ع ۾ پئجي چڪو هو، ان جو ٻيهر پيڙهه جو پٿر 1939ع ۾ مسجد منزل گاهه واقعو ٿيڻ کان پوءِ رکيو ويو. مسجد جي شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ مدرسو به قائم ڪيو ويو. مدرسي جو مهتمم مير صبح صادق خان کوسو ۽ نائب مهتمم مولانا محمد مراد انڍڙ هاليجوي هو. مولانا انڍڙ جي ولادت 1943ع ۾ هاليجي شريف ۾ ٿي.

جامعه حماديه طرفان هڪ ديني پرچو ماهوار ’نصيحت‘ جي نالي سان شايع ٿي رهيو آهي، هتي هر سال ديني، اصلاحي ۽ تبليغي ڪانفرنس منعقد ٿيندي آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو